ريڊار راڊار

ريڊار راڊار

ريڊار راڊار

ريڊار راڊار

ريڊار راڊار

ريڊار/ راڊار (Radar): ريڊار پري وارين شين جي باري ۾ ڄاڻ ڏيندڙ هڪ اوزار آهي. ريڊار دراصل ان عمل کي چئبو آهي، جنهن ۾ ريڊيائي لهرن جي مدد سان فضا ۾ سامهون موجود ڪنهن شيءِ جي صحيح مقام جو اندازو لڳائبو آهي، ان عمل لاءِ انگريزيءَ ۾ ريڊيو لوڪيشن جو اصطلاح مروج هو، پر ٻيءَ مهاڀاريءَ جنگ کانپوءِ هن اوزار جو نالو ريڊار مشهور ٿي ويو، جيڪو ’ريڊيو اينگل ڊٽيڪشن ائنڊ رينجنگ‘ (Radio Angle Direction And Ranging) جو مخفف آهي. ريڊار تي ڪڪرن ۽ هلڪي اوندهه جو ڪو به اثر نه ٿيندو آهي، ان ڪري پري وارين شين جي معلومات حاصل ڪرڻ لاءِ انهن تي ريڊيائي لهرون ڇڏيون وينديون آهن. ريڊيائي لهرن جا ڪرڻا جڏهن ڪنهن گهاٽائپ واري جسم سان ٽڪرائبا آهن ته اهو انهن کي موٽ کارائيندو آهي، اهڙيءَ ريت واپس اچڻ وارين لهرن جي رخ مان سامهون اچڻ واري شيءِ جو پتو پوندو آهي. ان شيءِ جو درست مفاصلو معلوم ڪرڻ لاءِ ريڊيائي لهرن جي رفتار کي ڌيان ۾ رکبو آهي. هي اوزار ريڊيائي لهرون هڪ لک ڇهاسي هزار ميل في سيڪنڊ ميل جي رفتار سان طئي ڪندو آهي. ان حساب سان هي لهرون سيڪنڊ جي هزارين حصي ۾ آمهون سامهون 100 ميلن جو سفر طئي ڪنديون آهن. ريڊيائي لهرن جو مفاصلو معلوم ڪرڻ لاءِ ان شيءِ کي بنياد بنايو ويندو آهي.
گهڻو ڪري ريڊار لهرن جا جهٽڪا دائري ۾ گهمندي خارج ڪندا آهن. هيءُ عمل هڪ مستقل رفتار تي ڪيو ويندو آهي، جسم جي رفتار (Velocity) تعين ڪرڻ لاءِ راڊار جو اصول لاڳو ڪيو ويندو آهي. جيڪڏهن لهرون موٽائيندڙ جسم راڊار طرف ايندو آهي ته موٽندڙ ڪرڻن جي فريڪوئنسي موڪليل ڪرڻن کان وڌيڪ هوندي، ۽ جيڪڏهن هي جسم راڊار کان پري ٿيندو ويندو آهي ته موٽندڙ ڪرڻ جي فريڪوئنسي گهٽجي ويندي آهي. راڊار جي ڪري پري موجود جسم جو طرف ۽ رفتار کان سواءِ ان جي شڪل جو تعين به ٿي ويندو آهي. جهازن ۾ موجود راڊار هوا ۾ مختلف بلندين تي موجود جسمن جو اطلاع ڏيندا آهن.
ان سلسلي ۾ پهريون تجربو ڪئمبرج جي ٻن نوجوانن 1924ع ۾ ڪيو هو، جنهن کان پوءِ آمريڪي سائنسدانن ريڊيائي لهرن ذريعي اهو مقصد حاصل ڪري ورتو. 1932ع ۾ برطانوي پوسٽ آفيس جي انجنيئرن شارٽ ريڊيائي لهرن مان فضا ۾ هوائي جهاز جي موجودگيءَ جو پتو لڳائڻ جو ڪم مڪمل ڪري ورتو. سر رابرٽ واٽس جي رهنمائيءَ ۾ برطانوي سائنسدانن جي هڪ گروهه 1935ع ۾ ريديو لوڪيشن جي هن عمل کي فوجي مقصدن لاءِ استعمال ڪرڻ شروع ڪيو. ٻي مهاڀاري لڙائي شروع ٿيڻ وقت برطانيا ۾ ريڊار جو استعمال عام ٿي چڪو هو. مهاڀاري لڙائيءَ کان پوءِ ريڊار نظام (Radar system) کي وڌيڪ وسعت ملي. اڄڪلهه ترقي يافته ملڪن جي دفاعي نظام ۾ ريڊار کي وڏي اهميت حاصل آهي. هن سان هزارين ميل پري فضا ۾ ايندڙ جنگي جهازن جو پتو لڳايو ويندو آهي. ڌنڌ ۽ ڪوهيڙي ۾ ريڊار سسٽم جي مدد سان اڏڻ ۽ لهڻ نسبتاً محفوظ ٿي ويندو آهي.
ٻي مهاڀاري لڙائيءَ جي ابتدائي سالن ۾ ڪيترن ملڪن پنهنجا پنهنجا ريڊار ايجاد ڪري ورتا هئا، جن جو مقصد حملي آور، هوائي ۽ بحري جهازن جي ڄاڻ حاصل ڪرڻ هو. ان طرح جو ڪامياب سسٽم برطانيا ۾ هڪ اسڪاٽ طبعيات دان، سر رابرٽ واٽسن ٺاهيو هو. 1946ع ۾ راڊار جون لهرون چنڊ تي منعڪس ڪرايون ويون ۽ ان جو نهايت درست مفاصلو ڪيو ويو. ريڊار کي سيارن جي اڀياس لاءِ ڪم آڻڻ سان فلڪيات جي هڪ نئين شاخ ريڊار ائسٽرانامي ايجاد ڪئي وئي.
ريڊار کي جاگرافيائي معلومات ۽ مفاصلن جي ماپ لاءِ به استعمال ڪيو وڃي ٿو. موسميات جا ماهر، خاص ڪري مندائتي موسمي پيشن گوين لاءِ ريڊار وڏيءَ ڪاميابيءَ سان استعمال ڪن ٿا. ريڊار جي مدد سان تارنيڊوز (Tornados) ۽ طوفان، سونامين وغيره جي اڳڪٿي ۽ اڀياس به ڪيو وڃي ٿو. ريڊار کي ٻين سيارن جي هوائي گولي ۽ سج جي اڀياس ۾ ڪاميابيءَ سان استعمال ڪيو وڃي ٿو. فوجي لحاظ کان طاقتور ملڪن هن جا گهڻ رخا فوجي استعمال ڳولي لڌا آهن، جن ذريعي سندن ملڪ تي حملي جي صورت ۾ کين بروقت اطلاع ملي وڃن ٿا.
اڄڪلهه جا جديد ريڊار ٻن قسمن جا ٿين ٿا: پلسڊ ريڊار ۽ ڊوپلر ريڊار، جنهن کي لاڳيتين لهرن وارو ڪنٽينيوس ويو (Continuous View) ريڊار به سڏجي، لڳاتار سگنل خارج ڪن ٿا، ڪنهن جسم جي حد تعين ڪرڻ بدران ان جسم جي چرپر رستي ڊوپلرس اثرن جي ماپ ڪري طرف ۽ رفتار جو تعين ڪري سگهجي ٿو. هوائي اڏن جا ٽاور ڪنٽرول، ريڊار رستي زمين ۽ فضا ۾ هوائي جهازن تي نظر رکي سگهن ٿا. پوليس ريڊار رستي هاءِ ويز تي موٽر گاڏين جي رفتار جي جاچ ڪري سگهي ٿي. ان لاءِ اهڙي ليزر ٽيڪنالاجي استعمال ڪندي آهي، جنهن کي لڊار (Lidar) سڏجي ٿو، جيڪا ريڊيائي لهرن بجاءِ روشني ڪتب آڻي ٿي. ناسا (NASA) ريڊار رستي ڌرتيءَ، اپ گرهن ۽ خلائي سيارن جو اڀياس ڪندو رهي ٿو. ان کانسواءِ اڄڪلهه ريڊار جو هڪ قسم وڏن دڪانن/ هوٽلن جي دروازن ۾ به استعمال ٿئي ٿو، جيڪي ايندڙ ويندڙ ماڻهوءَ لاءِ خودڪار دروازا کولڻ ۾ مددگار ٿين ٿا. جديد فوجي مقصدن لاءِ استعمال ٿيندڙ ريڊارن مان ڪي نگراني ڪندڙ هوائي جهازن ۾ به ڪم آندا وڃن ٿا، جهڙوڪ: ايئربارن وارننگ ائنڊ ڪنٽرول سسٽم (AWACS) يا جوائنٽ سرويلنس ائنڊ ٽريڪنگ ريڊار سسٽم (JSTARS).


هن صفحي کي شيئر ڪريو